ڪراچي ۾ آنڌاري سان گڏ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، اولهه هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿين علائقن ۾ مسلسل اثرانداز ٿي رهيو آهي.
اولهه سسٽم اڄ کان ملڪ جي ڏکڻ ۽ اولهه علائقن ۾ داخل ٿيندو، اڄ کان ڪراچي ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برسات جو سلسلو ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو، ان دوران آنڌاري جو به امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.