”خوبصورت ته آهيان پر مرد ڊپ سبب مون سان ڊيگهه ئي ناهن ڪندا، تڏهن شادي ناهي ٿي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مهوش حيات چيو آهي ته مرد هن کان ڊڄندا آهن، ساڻس لاڳاپا رکڻ جي ڪوشش ئي ناهن ڪندا، اڄ تائين ڪنهن سنجيدگي سان ساڻس رابطا وڌائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي.

هڪ انٽرويو ۾ هن شادي ۽ لاڳاپن سميت پاڪستاني انڊسٽري ۾ گهٽ معاوضي تي ڳالهايو هو جيڪو ٻيهر ٽي وي تي نشر ڪيو ويو.

انٽرويو ۾ شادي ۽ لاڳاپن سميت پاڪستاني انڊسٽري ۾ گهٽ معاوضو ملڻ تي به ڳالهايو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ فلمن ۽ ڊرامن جي ڀيٽ ۾ اشتهارن ۾ وڌيڪ پيسو ملي ٿو.

مهوش هن انٽرويو ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هن وقت شادي لاءِ هو ذهني طور تي تيار ناهي، پر جڏهن هو شادي ڪندي ته ڪجهه وقت لاءِ شوبز ڇڏي ڏيندي.

هن چيو ته شادي هڪ ذميواري جو نالو آهي، ان لاءِ کيس احساس ئي ناهي ته جڏهن به هو شادي ڪندي ته هو پنهنجي ڪم کان وقفو وٺندي.

هن چيو ته مان خوبصورت آهيان پر ڪو مرد مون سان لاڳاپا رکڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.