ڪراچي ايئرپورٽ تي 49 پاسپورٽس سان گڏ گرفتار مسافر قانوني شاهديون پيش ڪرڻ تي آزاد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 49 پاسپورٽ رکندڙ شهري کي ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري شاهديون پيش ڪرڻ بعد ڇڏيو ويو.
وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آئي اي) طرفان ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ٿيل 49 پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ شهري کي شاهديون پيش ڪرڻ بعد ڇڏيو ويو.
عدنان نالي مسافر ڪراچي کان دبئي رستي ايران وڃي رهيو هيو ته ڪراچي ايئرپورٽ تان ان جي قبضي مان 49 پاڪستاني پاسپورٽ هٿ ڪيا ويا هئا.
ايف آئي اي موجب پاڪستان ۾ جارجيا جو سفارتخانو ناهي، انڪري جارجيا جي خواهش رکندڙ پاڪستاني شهرين جا پاسپورٽ ويزن لاءِ ايجنٽن ذريعي ويجهي ملڪ جي سفارتخاني ۾ جمع ڪرايا ويندا آهن.
اختيارين جو چوڻ هو ته محمد عدنان هڪ ٽريول ايجنٽ آهي، ان وٽ پاسپورٽ ايران کڻي وڃڻ لاءِ ايراني سفارتخاني ۽ پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جا اجازت ناما پڻ موجود آهن، قانوني ڪارروائين بعد ايجنٽ کي پاسپورٽ واپس ڪري ايران وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.