آڱريون منهنجون ناهن! مريض پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ٻه آڱريون ڪٽرائي ڇڏيون

ڪيوبيڪ (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا جي هڪ شهري چيو آهي ته هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته جسم جو ڪجهه مخصوص حصو هن جو ناهي، انڪري هن کي ڳڻتي ورائي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪينيڊا جي صوبي ڪيوبيڪ سان تعلق رکندڙ هڪ شهري ”بي آئي آئي ڊي“ ۾ مبتلا آهي، ان ڪري ئي مريض ڊاڪٽر کي پنهنجي کاٻي هٿ جون ٻه آڱريون ڪٽي ڇڏڻ لاءِ چوندي اهو ٻڌايو ته هن کي محسوس ٿئي پيو ته هي ٻئي آڱريون هن جو ناهن.
ڪيوبيڪ جي يونيورسٽي لاوال جي نفسياتي شعبي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر ناديه ناڊيو مريض بابت پڌري ڪيل ڪيس رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته مريض کي ڪافي عرصي کان اهڙن تڪيلف ڏيندڙ خيالن کي منهن ڏيڻو پوندو هو.
ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته مريض کي اهڙي خيال سبب سموري زندگي پنهنجون اڱريون سڙندي ظاهر ٿينديون هيون پر مريض شرمندگي جي ڪري گهر ۾ ڪنهن کي به اهڙي ڳالهه نه ڪندو هو.
ڊاڪٽرن طرفان مريض جي اهڙي خيالن کي ختم ڪرڻ لاءِ سندس دماغي علاج به ڪيو ويو پر فرق نه پوڻ ڪري مريض جي ڳالهه مڃيندي ان جون ٻئي آڱريون ڪٽيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.