مان پنهنجي فلمن مان هيرو ختم ڪري ڇڏيا: ڪنگنا جون ريليون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي تڪراري اداڪارا ڪنگنا رناوت باضابطا طور سياسي سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ ريليون ڪڍي رهي آهي.

ڪنگنا هڪ ريلي کي خطاب ڪندي هندي فلم انڊسٽري کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ ٻڌايو ته ڪيئن فلم انڊسٽري جا بااثر ماڻهو ڏکيائين پيدا ڪن ٿا.

اداڪارا چيو ته ڇوڪرين جو استعمال ڪيو ويندو آهي جڏهن هن آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون.

هن چيو ته شرابين، نشئي پپو ماڻهن ڊيڄاريو ۽ نوٽيس موڪليا، جيل ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پر منهنجو ڪجهه نه بگاڙي سگهيا.

ڪنگنا چيو ته هن پنهنجي فلمن ۾ هيروز سان ڪم ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو.

ياد رهي ته ڪنگنا اباڻي شهر منڊي مان بي جي پي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.