اي ايس ايف آفيسر جو ايئرپورٽ تي ٻارڙي سان برو ورتاءُ، ڪورٽ مارشل جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تي اي ايس ايف آفيسر طرفان ٻارڙي سان بري ورتاءَ بابت رپورٽ ايوي ايشن ڊويزن کي موڪلي وئي آهي.
ذريعن موجب واقعو انٽرنيشنل ارائيول تي 10 مارچ تي پيش آيو، بري ورتاءَ تي اي ايس ايف آفيسر ۽ ٻن اهلڪارن خلاف جاچ ڪئي وئي.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ معصوم ٻارڙي پنهنجي پيءَ کي واپس ايندي ڏسي ان ڏانهن ڊوڙي ٿي، اتي ئي اي ايس ايف آفيسر ٻارڙي کي وارن کان پڪڙي ڪيري ٿو ڇڏي.
ذريعن موجب معاملو سوشل ميڊيا تي سامهون اچڻ کانپوءِ اي ايس ايف طرفان جاچ مڪمل ڪئي وئي ۽ برو ورتاءُ ڪندڙ آفيسر جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.