نوشڪي ۾ اڻڄاتل ماڻهن 9 مسافرن سميت 11 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

نوشڪي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ اڻڄاتل ماڻهن طرفان فائرنگ جي ٻن مختلف واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ڊپٽي ڪمشنر نوشڪي موجب نوشڪي ۾ قومي شاهراهه تي هڪ بس مان هٿياربندن 9 مسافرن کي اغوا ڪيو ۽ کين ويجهن جبلن ڏانهن وٺي ويا، مسافر بس ڪوئيٽا کان تفتان وڃي رهي هئي.
پوليس ٻڌايو ته نوشڪي مان اغوا ڪيل 9 مسافرن جا لاش جبل ڀرسان پل جي هيٺان مليا، مارجي ويلن جو واسطو منڊي بهاوالدين، گوجرانوالا ۽ وزيرآباد سان آهي.
پوليس موجب ڪو به جوابدار مارجڻ يا گرفتار ٿيڻ جي تصديق ناهي ٿي سگهي.
هوڏانهن نوشڪي ۾ ئي قومي شاهراهه تي فائرنگ جي هڪ ٻئي واقعي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ڊي سي نوشڪي ٻڌايو ته مارجي ويل هڪ شخص صوبائي اسيمبلي ميمبر جو مائٽ آهي.
ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي 11 ڄڻن جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي معاف نه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.