پنهنجون اکيون ۽ نيت صاف ڪيو: عليزي جو تنقيد ڪندڙن کي جواب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪارا عليزي شاهه وضاحت ڪندي چيو آهي ته سندس انسٽاگرام اڪائونٽ جي هڪ به تصوير مصنوئي ذهانت (اي آءِ) جي مدد سان ناهي ٺهيل.

ڪجهه ڏينهن اڳ عليزي شاهه پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه تصويرون اپلوڊ ڪيون هيون، جنهن کان پوءِ مقامي ويب سائٽس ۽ سوشل ميڊيا تي واهپيدارن دعويٰ ڪئي ته اداڪارا اي آءِ جي مدد سان پنهنجون تصويرون ٺاهي انسٽاگرام تي اپلوڊ ڪيون آهن.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Aliza shah (@alizehshahofficial)

ان کان اڳ به اداڪارا ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪيون هيون جنهن تي وڏي انگ ۾ مداحن تبصرا ڪيا ته عليزي ڪورين اداڪارن مان متاثر ٿي اي آءِ جي مدد سان انهن جهڙيون تصويرون ٺاهي رهي آهي.

واهپيدارن پاران اهڙن تبصرن تي اداڪارا وضاحت ڏيندي چيو ته اڄ تائين هن هڪ به تصوير اي آءِ جي مدد سان ناهي ٺاهي. هن لکيو ته انسٽاگرام تي سدنس هڪ به تصوير اي آءِ ذريعي ناهي، مهرباني ڪري پنهنجون اکيون ۽ نيت صاف رکو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Niche Lifestyle (@nichelifestyle)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.