دغا باز دل ريليز ٿيندي ئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عيدالفطر جي موقعي تي ريليز ٿيندڙ رومانوي ڪاميڊي فلم ”دغا باز دل“ ريليز ٿيڻ جي پهرين ٻن ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ رڪارڊ ڪمائي ڪري نئون اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.

دغا باز دل عيدالفطر تي ريليز ٿيندڙ هڪ ئي نئين فلم هئي، ان سان گڏ عيد جي موقعي تي 2022 جي بلاڪ بسٽر فلم ”ليجنڊ آف مولا جٽ“ جڏهن ته فيبروري 2024 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”ٽڪسالي گيٽ“ کي به ٻيهر ريليز ڪيو ويو هو. ان موقعي تي 6 هالي ووڊ فلمون به رييلز ڪيون ويون هيون ۽ دغا باز دل جو 9 فلمن سان مقابلو هو. جڏهن ته دغا باز دل فلم پهرين ٻن ڏينهن ۾ مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 10 لک رپين جي ڪمائي ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي.

فلم جي هدايتڪار رئوف وجاهت پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ ٻڌايو ته دغا باز دل پهرين ڏينهن هڪ ڪروڙ 20 لک جڏهن ته ٻئي ڏينهن هڪ ڪروڙ 90 لک رپين جي ڪمائي ڪئي آهي. فلم شروعاتي ڏينهن ۾ مجموعي طور تي ٽي ڪروڙ 10 لک رپيا ڪمائي نئون اعزاز حاصل ڪيو ۽ اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته پهرين هفتي ۾ ئي 10 ڪروڙ رپين جي ڪمائي ٿي ويندي.

فلم کي پاڪستان کان سواءِ گڏيل عرب امارات، برطانيا ۽ آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ به رييلز ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.