ڪرڪيٽر عاليا رياض ۽ ڪامينٽيٽر علي يونس شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر عاليا رياض ۽ اڳوڻي ڪپتان وقار يونس جو ننڍو ڀاءُ ڪامينٽيٽر علي يونس شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا آهن.
عاليا رياض ۽ علي يونس جي شادي جي تقريب 12 اپريل تي لاهور ۾ ٿي، لاهور جي هڪ نجي فارم هائوس ۾ شاندار تقريب ٿي، جنهن ۾ خصوصي قوالي نائيٽ به ڪرائي وئي.
تقريب ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪپتان بابراعظم، اظهر علي، محمد يوسف، مشتاق احمد، رميز راجا، انضمام الحق، ڪامران اڪمل، مصباح الحق ۽ عمر اڪمل شرڪت ڪئي، جڏهن ته ندا ڊار، انعم امين، ارم جاويد، بسما معروف، سدرا امين ۽ نتاليا پرويز سميت رانديگرياڻين به شرڪت ڪئي.
واضح رهي ته عاليا رياض ۽ علي يونس هلندڙ مهيني ئي مڱڻو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.