نيو سعيد آباد: گهر جي ڀت ڪرڻ سبب چار ٻار دٻجي فوت

نيو سعيد آباد (ويب ڊيسڪ) نيو سعيد آباد ويجهو گهر جي ڇت ڪرڻ سبب چار دٻجي فوت ٿي ويا.
ڳوٺ رمضان انڙ ۾ گھر جي ڀت جي ھيٺان چار ٻار دٻجي ويا، ڀت هيٺان دٻجي ويل چئن ٻارن کي ڪڍي رورل هيلٿ سينٽر سرهاڙي پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
فوت ٿيل ٻارڙن ۾حرا، ظهور، اشرف ۽ ابوبڪر انڙ شامل آهن، جن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.