نوشڪي ۾ 11 ڄڻن جو قتل المناڪ واقعو آهي: محسن نقوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نوشڪي ۾ اغوا کانپوءِ بس مسافرن جي قتل واري واقعي جي مذمت ڪئي آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نوشڪي ۾ 11 ڄڻن جو قتل المناڪ واقعو آهي، جنهن تي هو ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪن ٿا.
هن مقتولن جي پونئيرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته قومي شاهراهه تي پيش آيل واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جون همدرديون ڏکويل ڪٽنبن سان گڏ آهن، ڏک جي گهڙي ۾ سوڳوار ڪٽنبن سان گڏ آهيون، قائداعظم جي پاڪستان ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن جي گنجائش ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.