حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد پوليس منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪندي ٽن مبينا مقابلن ۾ منشيات فروش سميت ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس ترجمان موجب حالي روڊ ٿاڻي جي علائقي آمريڪن ڪوارٽر ۽ بدين چالي ۾ ڳجهي اطلاع تي الڳ الڳ ڪارروائيون ڪيون ويون.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه ڏوهاري اقبال شاهه ۽ سلمان پٺاڻ مارجي ويا، مارجي ويل ڏوهاري پوليس کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا.
پوليس ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهارين وٽان آئيس، هيروئن ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته مارجي ويل ڏوهارين جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا.
					You might also like