شير افضل مروت ڪارڪنن کي ڊيزل جا نعرا هڻڻ کان روڪي ورتو

پشين (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت پشين ۾ جلسي دوران ڪارڪنن کي ڊيزل جا نعرا هڻن کان روڪي ورتو.
شير افضل مروت پشين ۾ اپوزيشن اتحاد جي جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ جڏهن اسٽيج تي پهتو ته ڪارڪنن ڊيزل ڊيزل جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڏنا.
شير افضل مروت ڪارڪنن کي نعرا هڻڻ کان منع ڪندي چيو ته ڊيزل جا نعرا نه لڳايو، انهن سان ڳالهه ٻولهه هلي پئي.
جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ ڏاڍ واري حڪومت قائم آهي، عمران خان گذريل اٺن مهينن کان ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل ۾ بند آهي، عمران خان ۽ سندس گهرواري جي ڪردارڪشي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.