پنجاب ۾ کنوڻ ڪِرڻ جي مختلف واقعن ۾ ڏهه ڄڻا فوت

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف علائقن ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ ڏهه ڄڻا فوت ٿي ويا.
امدادي ٽيمن موجب رحيم يار خان جي علائقي ”ڪلواڙ بستي“ ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٺل حسن واري علائقي ۾ به هڪ شهري پنهنجي حياتي تان هٿ ڌوئي ويٺو.
امدادي ٽيمن جو چوڻ آهي ته رحيم يار خان جي علائقي کوکران فيروزه ۾ به کنوڻ ڪرڻ سبب زال مڙس فوت ٿي ويا، جڏهن ته ماڙي الله بچايو ۾ هڪ واٽهڙو ۽ خان ٻيلو ۾ هڪ هاري بي رحم کنوڻ جو شڪار ٿي ويو.
ٻئي طرف بهاولپور جي خيرپور ڏاها جي علائقي ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب عورت، جڏهن ته چڪ 113 نمبر ۾ 8 ورهين جو ٻارڙو به فوت ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.