رمضان مهيني ۾ به ڌاڙن جي واقعن ۾ 19 شهري قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جي وڌندڙ واقعن تي ضابطو آڻڻ ڪراچي پوليس لاءِ ڏکيو بڻجي ويو آهي، رمضان جي مهيني ۾ ڌاڙي ۾ مزاحمت تي 19 شهري قتل ٿي ويا جڏهن ته 56 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

خابرو اداري جي رپورٽ موجب شهر ۾ ڌاڙن ۾ مزاحمت تي قتل جي واقعن بابت پوليس اختيارين انگ اکر جاري ڪيا آهن جن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هلندڙ سال جنوري کان هن وقت تائين مجموعي طور تي 56 شهري ڌاڙي دوران مزاحمت تي قتل ٿي ويا آهن جڏهن ته 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

پوليس اختيارين ٻڌايو ته گذريل سال 2023 ۾ مجموعي طور تي 108 ماڻهو مارجي ويا ۽ 471 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. انگن اکرن موجب هلندڙ سال شهر ۾ ڌاڙيلن سان مقابلن جو انگ 425 آهي جنهن ۾ مبينا طور 55 ڌاڙيل ماريا ويا جڏهن ته 439 زخمي ٿيا آهن.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن طرفان شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي روڪٿام لاءِ ڪوششون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.