سپر ولن جي واپسي: جوڪر 2 جو ٽريلر جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي 2019 واري سپر ولن سائڪالاجي ٿرلر فلم ”جوڪر“ جي سيڪوئل جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ليڊي گاگا به مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندي.

سپر ولن جوڪر کي آڪٽوبر 2019 ۾ ريليز ڪيو ويو هو ۽ ان اٽڪل ڏيڍ ارب ڊالر جي ڪمائي ڪئي هئي. فلم ۾ جوڪر جو ڪردار جيڪوئن فيونڪس ادا ڪيو هو جنهن جي شاندار اداڪاري سبب کيس آسڪر ايوارڊ ڏنو ويوهو. پهرين فلم ۾ جوڪر جي ساٿي طاقتور عورت ولن هارلي ڪوئن جو ڪردار شامل نه هو پر هاڻي اهو به شامل ڪيو ويو آهي.

”جولر فولي اي ڊيوڪس“ ۾ هارلي ڪوئن جو ڪردار مشهور اداڪارا ليڊي گاگا ادا ڪيو آهي. فلم جي مختصر ٽريلر مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پهرين فلم جي ڪهاڻي کي برقرار رکيو ويو آهي جڏهن ته ان ڪهاڻي کي هن نئين فلم ۾ اڳتي وڌايو ويو آهي.

فلم ۾ هن ڀيري به جيڪوئن فيونڪس جوڪر يعني ارٿر جو ڪردار ادا ڪندو جڏهن ته ليڊي گاگا سندس ساٿ ڏيندي. فلم جي هدايتڪاري ٽوڊ فلپس ڪئي آهي ۽ هن ئي فلم کي پروڊيوس ڪيو آهي ۽ اهو ان جو ساٿي ليکڪ به آهي.

جوڪر فولي اي ڊيوڪس کي آڪٽوبر 2024 ۾ ريليز ڪيو وڃڻ جو امڪان آهي. سيڪوئل کي پهرين فلم جي پنج سالن کانپوءِ ريليز ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.