جلد ئي والاريل ڪشمير کي رياست جو درجو ملندو: نريندر مودي

ممبئي(ويب ڊيسل) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته جلد ئي جمون ڪشمير کي رياست جو درجو ڏنو ويندو ۽ اتي رياستي چونڊ به ڪرائي ويندي.

ڀارتي رپورٽس موجب جمون ڪشمير کي رياست جو درجو ڏيارڻ جو اعلان آرٽيڪل 370 جي خلاف ورزي آهي، جنهن کي مودي جي حڪومت 5 آگسٽ 2019 ۾ ختم ڪيو هو. ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 تحت جمون ڪشمير نيم خودمختيار رياست آهي ۽ ان کي خاص اختيار حاصل آهن پر نريندر مودي والاريل ڪشمير جي ذڪر ٿيل خاص حيثيت کي 5 آگسٽ 2019 کي ختم ڪيو هو.

نريندر مودي پاران آرٽيڪل 370 جي خاتمي کانپوءِ اتي رياستي چونڊ به ناهي ٿي هاڻي ڀارتي وزيراعظم والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت کي تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڀارتي رپورٽس موجب نريندر مودي والاريل ڪشمير جي اڌم پور ۾ سياسي ريلي سان خطاب ڪندي چيو ته جلد ئي جمون ڪشمير کي رياست جو درجو ڏنو ويندو. هن آرٽيڪل 370 تي به ڳالهايو ۽ چيو ته ان آرٽيڪل کي سياسي مفاد لاءِ استعمال ڪيو ويو هو ۽ ان آرٽيڪل جي خاتمي کانپوءِ والاريل ڪشمير جي حالت تبديل ٿي آهي.

نريندر مودي چيو ته آخري 10 سال ۾ والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ترقي پوري فلم جو ٽريلر آهي، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اتي گھڻو ڪجهه مٽجندو. هن ريلي سان خطاب ڪندي واعدو ڪيو ته جلد والاريل ڪشمير کي رياست جو درجو ڏنو ويندو۽ چونڊون ڪرايون وينديون.

واضح رهي ته 19 اپريل کان ڀارت ۾ لوڪ سڀا جي چونڊ ٿيندي جيڪا ڇهن هفتن يعني پهرين جون تائين جاري رهنديون ۽ مختلف رياستن ۾ مرحليوار پولنگ ٿيندي، اتي 97 ڪروڙ ماڻهو ووٽ جو استعمال ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.