شاگردن کي بنا وياج ۽ قسطن تي موٽرسائيڪلون ڏنيون وينديون

لاهور(ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ شاگردن کي بنا وياج ۽ قسطن تي موٽرسائيڪلون ڏيڻ واري رٿا تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
شاگردن کي آسان قسطن تي موٽرسائيڪلن جي فراهمي لاءِ رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي، شاگردن کي بنا وياج موٽرسائيڪل ڏيڻ لاءِ پنجاب حڪومت هڪ ارب روپين جي سبسڊي جاري ڪندي.
”چيف منسٽر يوٿ انيشيئٽس“ پروجيڪٽ جي پهرئين مرحلي ۾ 19 هزار پيٽرول واريون موٽرسائيڪلون ۽ هڪ هزار اليڪٽرڪ بائيڪس ڏنيون وينديون.
پراجيڪٽ ۾شاگردن لاءِ 20 هزار ڊائون پيمنٽ ۽ بقايا قسطن تي مارڪ اپ به پنجاب حڪومت ادا ڪندي.
پهرئين مرحلي ۾ فيصل آباد ، ملتان ، بهاولپور ، راولپنڊي ۽ لاهور جي شاگردن کي اليڪٽرڪ بائيڪس ڏنيون وينديون ، جن لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 29 اپريل 2024 رکي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.