اسرائيل ۽ فلسطين تڪرار جو ٻه رياستي حل مشڪل آهي: آمريڪا

واشگنٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته اسرائيل فلسطين تڪرار سبب سموري دنيا ۾ نفرتون ڦهلجي رهيون آهن جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ۽ آمريڪا ان جي مخالفت ڪري ٿو ڇو ته هي ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ دوران چيو ته يهود دشمني ۽ مسلم مخالفت ۾ آمريڪا سميت سموري دنيا ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي ۽ اهڙي صورتحال تي آمريڪا کي ڳڻتي آهي.
هن چيو ته آمريڪا هن تڪرار جي جلد کان جلد نبيري ۽ هڪ پائيدار حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ڇو ته اِهو مسلمانن، يهودين، عيسائين ۽ اسرائيلين ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي مفاد ۾ آهي.
ترجمان چيو ته اِهو اسرائيل جي سلامتي جي مفادن ۾ آهي ته هو فلسطيني عوام سان مفاهمت لاءِ اڳتي وڌڻ جو رستو ڳولي.
ميٿيو ملر چيو ته ظاهر طور اسرائيل ۽ فلسطين تڪرار جو ٻه رياستي حل مشڪل آهي پر نيٺ اِهو ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي ۽ ان لاءِ اسان ڪوششون جاري رکنداسين.
هن چيو ته اسرائيل فلسطين تڪرار سبب سموري دنيا ۾ نفرتون ڦهلجي رهيون آهن جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ۽ آمريڪا ان جي مخالفت ڪري ٿو ڇو ته اِهو ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.