ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو پوليس لاءِ چيلينج، رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ 19 شهري قتل
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي پوليس ڏوهن تي ضابطو نه آڻي سگهي، رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ڏوهارين سان مزاحمت تي 19 شهري پنهنجين زندگين تان هٿ ڌوئي ويٺا.
ڪراچي پوليس موجب، شهر جي مختلف علائقن مان ڦر دوران مزاحمت تي 19 شهري قتل ٿي ويا جڏهن ته 55 ڄڻا پڻ زخمي ٿيا .
پوليس اختيارين اهو به ٻڌايو آهي ته هلندڙ سال 2024ع ۾ ڦر مزاحمت تي ڏوهارين 59 شهرين کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو ۽ 200 کان وڌيڪ شهري پڻ زخمي ٿيا آهن .
ڪراچي پوليس هلندڙ سال 425 پوليس مقابلن ۾55 ڏوهارين کي مارڻ ۽ 439 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ دعويٰ پڻ ڪئي آهي.
You might also like