نيوزيلينڊ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز جو شيڊيول پڌرو ڪري ڇڏيو

آڪلينڊ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، ڊوميسٽڪ ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ فينز جي ڪري شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو جڏهن ته باقي هوم انٽرنيشنل شيڊيول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ ٽن ٽيسٽ ميچن لاءِ انگلينڊ جي ميزباني ڪندو، ٽيسٽ ميچون ڪرائسٽ چرچ، ويلنگٽن ۽ هيملٽن ۾ کيڏيون وينديون.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 28 نومبر، ٻي 6 ڊسمبر ۽ ٽين 14 ڊسمبر کان شروع ٿيندي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ وڌيڪ ٻڌايو ته ايندڙ سيزن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن کي به دورو ڪرڻو آهي جڏهن ته آسٽريليا ۽ سريلنڪا جون وومينز ٽيمون به سيريز کيڏنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.