وهاب رياض لاءِ سينيئر مئنيجر جو عهدو تخليق، اڳوڻا ڪرڪيٽر حيران

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) چئن ورهين تائين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جَي مئنيجر رهندڙ منصور رانا جي موجودگيءَ ۾ سليڪٽر وهاب رياض کي قومي ٽيم جو سينيئر مئنيجر بڻايو ويو آهي.
وهاب رياٰ لاءِ نئون ۽ انوکو عهدو تخليق ڪيو ويو آهي، ڪرڪيٽ حلقا حيران آهن ته ٽيم مئنيجر جي هوندي وهاب رياض کي سينيئر مئنيجر ڇو مقرر ڪيو ويو ؟
ذريعن موجب، نيوزيلينڊ سيريز ۾ وهاب رياض سليڪشن پاليسي تي نظر رکندو، هو هر ميچ ۾ روٽيشن پاليسي جو پلان ڏيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وهاب رياض ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ٽيم سليڪشن پلان موجب ٿي رهي آهي، سيريز دوران وهاب رياض جي پليئنگ اليون ۾ راءِ اهم هوندي، اڳوڻو چيف سليڪٽر رانديگرن جي ورڪ لوڊ جي به نگراني ڪندو.
ذريعن موجب، هوم سيريز جي پنجن ئي ميچن ۾ وڌ کان وڌ رانديگرن کي موقعو ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.