ڌاڙيلن ٽورنامينٽ جي فاتح ٽيم کان انعامي رقم ڦري ورتي

ڊيرا بگٽي ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي شهر ڊيرا بگٽي مان ٽورنامينٽ کٽي سوئي واپس ايندڙ رانديگرن کان ڌاڙيلن انعامي رقم ڦُري ورتي.
اِهو واقعو ڊيرا بگٽي روڊ تي پيش آيو جتي سوئي ويندڙ ڪرڪيٽ ٽيم کان ڌاڙيلن انعامي رقم ڦر ڪئي.
متاثر رانديگرن جو چوڻ آهي ته هو ڊيرا بگٽي مان ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ کٽي واپس وڃي رهيا هئا ته کين رستي ۾ تاڙ ۾ بيٺل ڌاڙيلن انعامي رقم ڦري فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.