ڪراچي: اي ايس ايف جي ڪارروائي، ايران جي مسافر وٽان 45 پاڪستاني پاسپورٽ هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس ڪارروائي ڪندي ايران جي مسافر وٽان 45 پاڪستاني پاسپورٽ برآمد ڪري ورتا.
اي ايس ايف موجب مسافر محمد عدنان نجي ايئر لائن جي اڏام ذريعي ڪراچي کان دبئي رستي ايران وڃي رهيو هو پر جناح ٽرمينل تي سامان جي اسڪيننگ دوران اي ايس ايف عملي پاسپورٽس جي نشاندهي ڪئي، سامان جي تلاشي دوران ٿيلهي مان 45 پاسپورٽ برآمد ٿيا.
اي ايس ايف ٻڌايو ته مسافر عدنان مختلف شهرين جا پاسپورٽ غير قانوني طور دبئي کڻي وڃي رهيو هو، اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي پاسپورٽس جي موجودگي جي حوالي سان مسافر جو موقف مطمئن ڪندڙ نه هو، جنهن کانپوءِ کيس برآمد ٿيل پاسپورٽس سان گڏ ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.