لاڙڪاڻو: ويگن ڪلٽي ٿيڻ سبب چار ڄڻا اجل جو شڪار

لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) لاڙڪاڻي ويجهو ويگن ڪلٽي ٿيڻ سبب چار ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا
ڳڙهي ياسين ڀرسان ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ ويگن ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ ڳوٺ ابن اوڍو واسي مسمات ثمينا اوڍو ۽ پيرسن عورت حسنا خاتون سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 8 ڄڻا سخت زخمي ٿيا.
فوتين جا لاش ۽ زخمين کي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.