جنسي حراسان واري منظر تي ماڌوري روئي ڏنو هو: رنجيت سنگهه

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي پراڻي خطرناڪ ولن گوپال بيدي عرف رنجيت سنگهه انڪشاف ڪيو آهي ته 1989 ۾ فلم جي شوٽنگ دوران جنسي ڇهڻ واري منظر تي اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ روئي ڏنو هو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب گوپال بيدي عرف رنجيت سنگهه تازو انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ماڌوري ڊڪشٽ  هن سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڇڏيو هو.

اداڪار رنجيت سنگهه چيو آهي ته ان دو ر ۾ هو ايترو ته مشهور ٿي ويو هو جو هڪ ئي وقت ۾ 80 فلمن جي شوٽنگز ڪندو هو، جنهن ۾ گهڻو ڪري سندس ڪردار مختصر هوندو هو.

هن اعتراف ڪيو آهي ته کيس گهڻو ڪري خراب ڪردار پيش ڪيا ويندا هئا، گهڻو ڪري هيروئنز جو استحصال ڪرڻ، ساڙهيو لاهڻ ۽ جنسي زيادتي ڪرڻ جا ڪردار ڏنا ويندا هئا.

رنجيت سنگهه چيو آهي ته هو اهڙا ڪردار ڪري تنگ ٿي پيو هو پر ان کانپوءِ به اهڙن ڪردارن کي پيشوراڻي انداز ۾ ڪندو هو ۽ شوٽنگ جي دوران ڪنهن به هيروئن سان نامناسب انداز ۾ نه ڇهندو هو.

اداڪار جو چوڻ آهي ته ڪنهن به هيروئن کي هن سان ڪم ڪرڻ ۾ ڪو مسلئلو نه ٿيو هو پر 1989 ۾ فلم پريم پرتگيا جي شوٽنگ دوران ماڌوري ڊڪشٽ هن سان ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. فلم ۾ اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ کي ڇهڻو هو ڇر اداڪارا شوٽنگ شروع ٿيندي ئي روئڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ هن سان منظر رڪارڊ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

پريم پرتگيا فلم ۾ رنجيت سنگهه ۽ ماڌوري کانسواءِ مٿن چڪرورتي  ۽ ٻيا اداڪار به شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.