ڪي فور پراجيڪٽ تي وڌيڪ دير جي گنجائش ناهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي لاءِ پاڻي جي منصوبي ڪي فور تي وڌيڪ دير جي گنجائش ناهي.
سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪي فور پراجيڪٽ تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ منصوبي جي مختلف پهلوئن جو جائزو ورتو ويو.
وڏي وزير کي پي اينڊ ڊي چيئرمين، مڪاني کاتن جي سيڪريٽري ۽ پي ڊي واپڊا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪي فور مين اسٽريم ورڪس 126 ارب رپين جو پراجيڪٽ آهي، جيڪي وفاقي حڪومت ادا ڪندي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪي فور جي تعمير 74 ارب رپين جي آهي، جنهن مان 80 سيڪڙو ڊونر ادارا ۽ 20 سيڪڙو سنڌ حڪومت ڏيندي، ڪي بي فيڊر جي لائننگ 50 سيڪڙو وفاقي حڪومت ۽ 50 سيڪڙو سنڌ حڪومت ادا ڪندي.
مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته ڪي فور مين اسٽريم جا 8 ڪنٽريڪٽ پيڪيجز آهن، ڪي فور مين اسٽريم تحت 52.62 ارب رپين مان 40.36 ارب رپيا جاري ٿي چڪا آهن.
ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته ڪي فور پراجيڪٽ تمام گهڻي دير جو شڪار ٿي چڪو، ان ۾ وڌيڪ دير جي گنجائش ناهي، وفاقي حڪومت کي چونداسين ته فنڊ جاري ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.