سون هزارين رپيا مهانگو، ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، هڪ تولي سون جي قيمت 4 هزار 9 سئو رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 45 هزار 1 سئو رپيا آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 4200 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 10 هزار 134 رپين جو ٿي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون في اونس سون جي قيمت 44 ڊالر واڌ بعد 2330 ڊالرز آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ سون جي عالمي قيمت 20 ڊالر پريميم شامل ڪري 2350 ڊالرفي اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.