وفاقي وزير عبدالعليم خان جي چيني سفير سان ملاقات، انجنيئر سان حادثي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پ ر) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان اسلام آباد چين جي سفارتخاني پهچي چيني سفير جيانگ زيڊ ڊونگ سان ملاقات ڪري چيني انجنيئرز سان پيش آيل حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو.

عبدالعليم خان چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ چين دوستي خطي ۾ معاشي استحڪام ۽ امن جي علامت آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي نقصان نٿو پهچائي سگهجي.

عبداالعليم خان موجب چيني انجنيئرز جي مارجڻ تي هر پاڪستاني ڏک ۾ آهي.

ان موقعي تي هن چيني سفارتخاني ۾ موجود ڪتاب ۾ تاثرات داخل ڪندي حادثي جو شڪار ٿيل چيني انجنيئرز جي ڪٽنب سان همردردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيد ڊونگ وفاقي وزير جي سفارتخاني آمد تي سندس ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.