ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪي سلامتي ۽ چيني شهرين جي سيڪيورٽي معاملن جو هر مهيني پاڻ جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن ۽ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران گهرو وزير وزيراعظم کي ملڪي مجموعي امن ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني.
وزيراعظم گهرو وزارت کي ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ صوبائي دهشتگردي روڪ کاتن جي وڌيڪ بهتري لاءِ صوبن سان سهڪار جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.
هن ملڪي سلامتي، خاص طور تي مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان اجلاسن جو هر مهيني پاڻ جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
اجلاس ۾ وزيراعظم سمورن سيڪيورٽي ادارن کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي فول پروف بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.