صدر سان چيئرمين جوائنٽ چيفس جي ملاقات، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين وڙهڻ جو عزم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ملاقات ڪئي آهي .
ملاقات دوران جنرل ساحر شمشاد مرزا پاران صدر آصف علي زرداري کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون .
ملاقات ۾ دهشتگردي جي لعنت کي قوم جي سهڪار سان پاڙان پٽڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي صدر کي ملڪي سيڪيورٽي صورتحال ۽ آپريشنل تيارين بابت آگاهه ڪيو .
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي چيو ته هٿياربند فوج اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
صدر آصف علي زرداري قومي سرحدن جي دفاع، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هٿياربند فوج جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.
صدر چيو ته مڪمل اعتماد آهي ته سيڪيورٽي فورسز اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي چئلينجز تي ڪاميابي سان ضابطو آڻينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.