ايڇ آر سي پي پاران مذهبي آزادي بابت سالياني رپورٽ

ڪراچي (پ ر) 16 آگسٽ 2023 تي سوين ماڻهن پاران هڪ عيسائي شخص خلاف توهين جي الزامن تحت جڙانوالا ۾ گرجا گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ڦرلٽ ڪئي وئي هئي. اهو پاڪستان ۾ مذهبي آزادي ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ واقعو هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مذهب جي نالي تي تشدد هاڻي اسٽيٽس ڪو بڻجي چڪو آهي.

ايڇ آر سي پي جي سال 2022 کان جولاءِ 2023 تائين جي رپورٽ ۾ مذهبي اقليتن ۽ فرقن خلاف تشدد کي شامل ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٽي ايل پي جي اڀرڻ ۽ سياسي پارٽين پارانن مذهب ڪارڊ جي استعمال کي ظاهر ڪيو ويو آهي.

گهٽ آمدني وارن ڪٽنبن مان نوجوان هندو ۽ عيسائي عورتن جي جبري مذهب تبديلي جا واقعا جاري آهن. گهٽ ۾ گهٽ ٻن ماڻهن تي توهين رسالت جو الزام هنيو ويو، هڪ تي پوليس اسٽيشن ۾ ۽ ٻئي تي سياسي ريلي ۾ الزام هنيو ويو.

گهٽ ۾ گهٽ 9 احمدي عبادت گاهن کي تباهه ڪيو ويو. مبينا طور تي توهين جوڳو مواد آن لائين شيئر ڪرڻ جي الزام ۾ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

مسلمان، سک، عيسائين ۽ احمدين سميت 7 ڄڻن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي وئي.

خيبرپختونخوا جي علائقي ڪرم ۾ فقيواراڻي ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.

رپورٽ اهو واضح ڪري ٿي ته رياست آزادي جي حوالي سان عالمي قانون تحت پنهنجا فرض پورا ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي ۽ سپريم ڪورٽ جي 2014 جي فيصلي تي عمل ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.