سر سيد يونيورسٽي جي انتظام هيٺ رمضان ڊرائيور جي حوالي سان سيمينار 

ڪراچي (پ ر) سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي انتظام هيٺ رمضان ڊرائيور جي حوالي سان سيمينار ڪرايو ويو جنهن ۾ علي ڳڙهه انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ڪنوينيئر محمد ارشد خان، فيڪلٽي آف اليڪٽريڪل اينڊ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ جي ڊين، پروفيسر ڊاڪٽر محمد عامر، پروفيسر ڊاڪٽر لبنيٰ فرحي، پروفيسر ڊاڪٽر ابرار الحق، پروفيسر ڊاڪٽر وليج حيدر، فيڪلٽي ميمبر ماه رخ  ۽ مريم رازق سميت شاگردياڻڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي پيٽروليم بابت اڳوڻي وفاقي وزير  ۽ المصطفيٰ ويلفيئر ٽرسٽ جي چيف پيٽرن ڊاڪٽر حاجي محمد حنيف طيب چيو ته المصطفيٰ روشني سڀني لاءِ جي مشهوري مهم جي حوالي سان اکي جا هڪ لک ويهه هزار مفت آپريشن ڪيا. پلاسٽڪ سرجري ڪيمپ ۾ پيدائشي ڪٽيل چپ ۽ تالن جي تقريبن 62 هزار مريضن جا مفت آپريشن ڪيا ويا، مستحق ڪٽنب کي راشن ورهايو ويو جيڪو جاري آهي.

ٽرانسفارميشن انٽرنيشنل ويلنيس ڪلينڪس جي چيف ايگزيڪٽو ڊاڪٽر عمران يوسف چيو ته قرآن آخري الهامي ڪتاب آهي ۽ ان ۾ اڄ تائين ڪو فرق ناهي آيو. 24 ڪلاڪن ۾ ڪو هڪ به اهڙو وقت ناهي هوندو جڏهن هي ڪتاب نه پڙهي ويندي هجي.

سر سيد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين چيو ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ مقصد کان آگاهي ضروري آهي. انسانن کي ان لاءِ پيدا ڪيو ويو ته هو الله جي بندگي ڪن. پنهنجي رب کي سڃاڻيو ۽ ان سان رابطي کي مضبوط ڪريو. هن چيو ته رمضان ڊرائيو هڪ سٺي ڪوشش آهي ۽ اها وڏي ڳالهه آهي جو اسان هڪ ٻئي جو احساس ڪري رهيا آهيون. علم حاصل ڪرڻ جو مقصد پيسا ڪمائڻ نه پر ماڻهن جي ڀلائي ۽ معاشري جي ترقي آهي.

سر سيد يونيورسٽي جي رجسٽرار ڪموڊور (ر) سيد سرفراز علي چيو ته الله دنيا کي بنا مقصد جي ناهي ٺاهيو. زندگي جو مقصد الله تعاليٰ جي رضا حاصل ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.