فاسٽ بالر احسان الله جي انجري غلط نشاندهي، سرجري ناڪام

پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ملتان سلطانز جي مالڪ علي ترين فاسٽ بالر احسان الله جو علاج انگلينڊ مان ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
علي ترين جو چوڻ آهي ته احسان الله جي ٺونٺ جي انجري جي غلط نشاندهي ڪئي وئي جنهن ڪري سندس سرجري ناڪام ٿي.
هن چيو ته ملتان سلطانز انجري باوجود احسان الله کي پي ايس ايل نوَ ۾ ريٽين ڪيو جنهن جو مقصد ٽيم جي فيزيو، اسٽرينٿ ڪنڊيشننگ ڪوچ سان گڏ ڪم ڪرڻ هو.
علي ترين موجب، احسان الله کي هلندڙ مهيني انگلينڊ موڪلي رهيا آهيون، جتي ماهر سرجن سندس معائنو ڪندا.
سندس چوڻ هو ته پي سي بي احسان الله جو انگلينڊ مان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ياد رهي ته فاسٽ بالر احسان الله پي ايس ايل اٺ دوران ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.