چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي چئن ججن کي به ڌمڪي جوڳا خط ملڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي 4 ججز کي ڌمڪي وارا خط ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چئن ججز کي به خط ملڻ جو انڪشاف ٿيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي دوران ججز کي مليل ڌمڪي وارن خطن جي معاملي تي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آپريسنز شهزاد بخاري عدالت ۾ پيش ٿيو، سينيئر سپرنٽينڊنٽ پوليس سي ٽي ڊي همايون حمزا به عدالت ۾ پيش ٿيو.
ڊي آءِ جي ٻڌايو ته هيل تائين ڪنهن وٽ انسپيڪٽر جنرل جي چارج ناهي، ان لاءِ اسلام آباد پوليس جا سڀ آپريشنز مان ڏسي رهيو آهيان، ڪيميائي معائني لاءِ نمونا موڪليا ويا آهن، ٽن کان چئن ڏينهن ۾ رپورٽ اچي ويندي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪٿان خط پوسٽ ڪيو ويو هو؟ ڊي آءِ جي ٻڌايو ته اسٽيمپ پڙهڻ ۾ نه پيو اچي، اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججز کي به ساڳئي نالي سان خط مليا آهن.
ان تي پي ٽي آءِ باني جي وڪيل چيو ته سلمان صفدر چيو ته کين هر صورت ريشما کي ڳولڻ گهرجي.
ان تي چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته اوهان به اسٽيمپ پٺيان پئجي ويا آهيو، ڇا سڀ خط هڪ ئي ڊاڪ خاني مان آيا آهن؟
ڊي آءِ جي پوليس ٻڌايو ته خطن تي اسٽيمپ ڊٺل آهي پر راولپنڊي جي اسٽيمپ پڙهي سگهجي ٿي، عدالت دريافت ڪيو ته اوهان ٻنهي آفيسرن خطن جا لفافا ڏٺا آهن؟
ايس ايس پي سي ٽي ڊي جواب ڏنو ته ظاهري طور تي راولپنڊي جنرل پوسٽ آفيس لڳي ٿي، جي پي او ۾ پوسٽ ناهي ٿيو، ڪنهن ليٽر باڪس ۾ وڌو آهي، اسان ان ليٽر باڪس جي سي سي ٽي وي ۽ ايريا جي ڄاڻ وٺي رهيا آهيون، ان حوالي سان جاچ جاري آهي.
پوليس عملدارن چيو ته جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪيس داخل ڪيو، هيل تائين اڳڀرائي ڪهڙي ٿي؟ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل ٻڌايو ته اسان نمونا ليب موڪليا آهن، پوليس عملدار انڪشاف ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي ججز کي به خط مليا آهن.
ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ جي 4 ججز کي به اهڙا خط مليا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.