مُڪيش امباڻي ٽاپ ڏهه اميرن ۾ اچي ويو، فوربز فهرست جاري ڪري ڇڏي

واشگنٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي رسالي فوربز دنيا جي کرب پتي ماڻهن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
فرانس جي مشهور ڪاروباري شخصيت برنارڊ آرنلٽ لاڳيتو ٽئين سال به دنيا جي امير ترين شخص جو اعزاز پنهنجي نانءِ ڪري ورتو. برنارڊ آرنلٽ 226 ارب ڊالرز جي اثاثن سان پهرئين نمبر تي آهي.
اسپيس ايڪس جو مالڪ ايلون مسڪ 195 ارب ڊالرز سان ٻئي نمبر تي آهي.
اهڙي ريت ايمازون جو مالڪ جيف بيزوس 194 ارب ڊالر جو مالڪ آهي، فيس بڪ جو باني مارڪ زڪربرگ 177 ارب ڊالرز سان چوٿين نمبر تي آهي.
مائيڪرو سافٽ جو شريڪ باني بل گيٽس 128 ارب ڊالر جي ملڪيت سان ستين نمبر تي آهي.
ڀارت جو ٽائيڪون مڪيش امباني 116 ارب ڊالرز سان هڪ درجو ترقي ڪري نائين نمبر تي اچي ويو آهي.
آمريڪا اهو ملڪ آهي جتي 813 کرب پتي شخصيتون آهن، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ هاڻي باضابطا طور ارب پتي شخصيتن ۾ شامل ٿي وئي آهي، اندازي موجب هو هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالرز جي مالڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.