سلامتي ڪائونسل پاران شام ۾ ايراني سفارتخاني تي حملي جِي مذمت

گڏيل قومن جِي سلامتي ڪائونسل جَي اجلاس دوران شام جَي گاديءَ واري شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي حملي جِي مذمت ڪئي وئي.
گڏيل قومن جَي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڌرين کي اپيل ڪئي آهي ته ڇڪتاڻ وڌائڻ کان پاسو ڪري تحمل جو مظاهرو ڪيو وڃي.
هن چيو ته ايراني سفارتخاني تي حملو افسوسناڪ آهي، حملن دوران سفارتي عملي جو احترام لازمي ڪيو ويندو آهي.
چين ۽ روس جَي نمائندن چيو ته اسرائيلي حڪومت ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ بدران وڌائي رهي آهي، اسرائيل سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ کي نظرانداز ڪيو آهي.
الجزائر جَي نمائندي چيو ته ايراني سفارتخاني تي حملو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، فرانسيسي نمائندي ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي جي مذمت نه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.