پاڪستان والي بال جو برازيليئن ڪوچ ڏکڻ ڪوريا جي پرڪشش آڇ تي عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار !

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان والي بال ٽيم جي برازيليئن ڪوچ قومي ٽيم کان ڌار ٿين جو فيصلو ڪيو آهي.
برازيل سان واسطو رکندڙ پاڪستان والي بال ٽيم جي ڪوچ ايسا رميرس جي نگراني هيٺ پاڪستان ايشين گيمز ۾ ڏکڻ ڪوريا کي شڪست ڏني هئي.
ايشين گيمز ۾ شڪست تي ڪوريا برازيليئن ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن.
رپورٽ موجب، پاڪستان برازيليئن ڪوچ کي ماهوار چار هزار ڊالرز ادا ڪري رهيو هو جڏهن ته ڪورين حڪومت طرفان کيس اٺ هزار ڊالرزپگهار سان گڏ ڪٽنب لاءِ پرڪشش مراعتن جي آڇ ڪئي وئي آهي.
پاڪستان والي بال فيڊرين جي چيئرمين چوڌري يعقوف جو چوڻ آهي ته اسان جا وسيلا محدود آهن، ڪورين سرڪار جهڙو پئڪيج نٿا ڏئي سگهون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.