”وري ڪڏهن شادي نه ڪنديس“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ۽ ماڊل فضا علي چيو آهي ته ماضي جي تجربن سبب ٻيهر ڪڏهن به شادي نه ڪنديس.

هڪ انٽرويو ۾ فضا علي جو چوڻ هو ته ننڍپڻ کان ئي جلد شادي ڪرڻ چاهيندي هيس ۽ ڪيترن ئي ٻارن جي خواهش هئي پر شادي کانپوءِ جي تجربن جي خوف سبب هاڻي ڪڏهن به ٻي شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته جڏهن مان ننڍپڻ ۾ روئندي هئس ته منهنجي ماءُ مون کي سختيءَ سان روڪيندي هئي ۽ خاموش نه ٿيڻ تي مون کي ماريندي هئي، ان کانپوءِ مان پنهنجي ماءُ جي سامهون روئڻ ڇڏي ڏنو هو.

فضا علي چيو ته ماءُ جي اهڙي رويي سبب مان ٻيهر ماءُ جي سامهون ڪڏهن روئي نه سگهيس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.