قومي اسيمبلي اجلاس، نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو، جڏهن ته اجلاس شروع ٿيندي ئي سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن جي گوڙ گهمسان تي سيشن کي اڻڄاتل مدي لاءِ ملتوي ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شانگلا ۾ چيني شهرين تي ٿيندڙ حملي جي مذمت ڪندي مارجي ويلن لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.
فيصل آباد ۾ لغڙ جي ڏور سان نوجوان فوت ٿيڻ جي معاملي تي ايوان ۾ بحث ڪيو ويو ته ميمبرن ڏور ٺاهيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.
سني اتحاد ڪائونسل ميمبرن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جو معاملو اٿاريندي چيو ته اهو معاملو وڏو حساس آهي، ان تي بحث ڪرايو وڃي.
پ پ جي عبدالقادر پٽيل ٻارن سان وڌندڙ جنسي زيادتي جي واقعن ۽ شير افضل مروت دهشتگردي جي لهر تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کان انهن معاملن تي فوري طور قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو.
اجلاس دوران اسپيڪر اياز صادق اپوزيشن ليڊر جي مقرري لاءِ درخواستون طلب ڪندي چيو ته سڀاڻي نوٽيفڪيشن جاري ڪندس.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي تي بحث جي اجازت ڏيڻ لاءِ اپوزيشن احتجاج ڪيو ته اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.