انگلينڊ جي ڪپتان پنهنجو نالو مَٽائي ڇڏيو!

جئپور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2022ع جي فائنل انگلينڊ جي فاتح بڻائيندڙ ڪپتان جوز بٽلر پنهنجو نالو مَٽائي ڇڏيو.
انگلش ڪرڪيٽر پنهنجو جو نالو جوز بٽلر مان ڦيرائي جوش بٽلر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جو سبب پڻ ڄاڻايو آهي.
ان ڏس ۾ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان بٽلر جي هڪ وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي آهي.
انگلينڊ جي وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان جوش بٽلر چيو ته هن کي سڄي ڄمار غلط نالي سان سڏيو ويو جنهن ۾ سندس ماءُ پڻ شامل آهي.
هن چيو ته هر هنڌ غلط نالي ورتو ويو، 13 ورهين تائين ملڪ جي نمائندگي ڪئي جنهن دوران ٻه عالمي ڪپ کٽيا ۽ هاڻي نيٺ ان مسئلي جو حل به ڳولي ورتو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مان مسئلي جو هميشه لاءِ حل ڳولي ورتو آهي ۽ اڄ کان مان باظابطا طور جوش بٽلر آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.