ڪيتريون ئي پاڪستاني اداڪارائون به اي آءِ جو شڪار، وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جون مشهور اداڪارائون ايمن خان، سارا خان، نيلم منير، هانيا عامر ۽ اقرا عزيز به آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) جو شڪار ٿي ويون.
سوشل ميڊيا تي ڪپرن جي هڪ برانڊ جي مشهوري جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جيڪا آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) سان تيار ڪئي وئي آهي، ڄاڻايل وڊيو ۾ مشهور پاڪستاني اداڪارائن جو اي آءِ ماڊلز تيار ڪيون ويون آهن.
وڊيو ۾ برانڊ جي اصلي فوٽو شوٽ سان گڏ اي آءِ سان تيار ڪيل فوٽو شوٽ به ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ ايمن خان، اقرا عزيز، هانيا عامر، سارا خان ۽ نيلم منير جون اي آءِ ماڊلز ٺاهيون ويون آهن.
اها وڊيو سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي وائرل ٿي رهي آهي ۽ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پاڪستاني اداڪارائن جي اجازت بنا انهن جون اي آءِ ماڊلز ٺاهيون ويون آهن.
وائرل وڊيو تي ڪجهه واهپيدارن چيو ته ڪنهن جي اجازت بنا اي آءِ ماڊل ٺاهي پنهنجي مشهوري لاءِ استعمال ڪرڻ اختلاقيات جي خلاف آهي، جڏهن ته واهپيدارن چيو اي آءِ تمام خطرناڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.