الخدمت فائونڊيشن پاران يتيم ٻارن ۽ بيواهن سميت پيرسن ماڻهن لاءِ افطار

لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن پاران يتيمن جي ڪفالت جي پروگرام تحت 2 هزار يتين ٻارن، بيواهه عورتن ۽ اولڊ ايج هومز ۾ رهندڙ بزرگ ماڻهن لاءِ گرينڊ افطار ۽ عيد جا تحفا ورهايا ويا.

تقريب ۾ ٻارن لاءِ جمپنگ ڪيسل، فيس پينٽنگ، ميجڪ شو ۽ مهندي جا اسٽال به لڳايا ويا جنهن بعد ٻارن، مائرن ۽ پيرسن ماڻهن ۾ عيدي، ڪپڙا ۽ ٻيا تحفا به ورهايا ويا.

تقريب ۾ صدر الخدمت فائونڊيشن پاڪستان ڊاڪٽر حفيظ الرحمان، نائب صدر ڊاڪٽر مشتاق مانگٽ، صدر سينٽرل پنجاب اڪرام الحق سبحاني، صدر الخدمت لاهور حماد احمد رشيد سميت يوٿ سوسائٽيز جي نمائندن، يتيم ٻارن، سندن باهمت مائرن ۽ اولڊ ايج هوم جي بزرگن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ عورتن ۽ مردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ ميزباني جا فرض سينيئر مئنيجر ميڊيا رليشنز شعيب هاشمي انجام ڏنا.

ڊاڪٽر حفيظ الرحمان خطاب ڪندي چيو ته الخدمت فائونڊيشن 30 هزار يتين ٻارن جي ڪفالت تي ساليانو اڍائي ارب رپيا خرچ ڪري رهي آهي. اهڙين تقريبن جو مقصدن اهڙن ماڻهن مان احساس محروم کي ختم ڪري عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هن وقت غزا تباهي جي ڪناري تي آهي، الخدمت فائونڊيشن غزا رليف لاءِ سرگرميون جاري رکيون پئي اچي. هڪ ارب 70 ڪروڙ کان وڌيڪ جو امدادي سامان غزا موڪليو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.