پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني وارو مامرو، سليڪٽرَ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويا!

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتاني وارو معاملو اڄڪلهه خبرن ۾ آهي ۽ بابر اعظم کي ٻيهر ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت سونپڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، قومي سليڪٽرز ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي موجودا ڪپتان شاهين آفريديءَ کي تبديل ڪرڻ جي حوالي سان ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ اهي ته سليڪٽرز ڪپتان جي تبديلي تي هڪٻئي سان مختلف سبب بيان ڪيا، سليڪٽرن ۾ شاهين کي ڪپتاني تان هٽائڻ بابت ڪنهن هڪ ڳالهه تي اتفاق ناهي ٿي سگهيو.
ٻئي پاسي ذريعن موجب، شاهين آفريدي موجودا صورتحال سبب ناراض نظر اچي رهيو آهي، فٽنس ڪئمپ دوران به ڪپتاني رانديگرن جي بحث جو موضوع بڻيل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪپتاني واري معاملي تي سليڪٽرن ۽ شاهين آفريدي وچ ۾ باظابطا رابطو پڻ ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.