فوجي ٽريننگ ڪئمپ، حارث رئوف جي ننڍپڻ جو خواب پورو ٿي ويو

ايبٽ آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن ڪاڪول ڪئمپ ۾ ٽئين ڏينهن به ڀرپور فيزيڪل ٽريننگ ۾ حصو ورتو.
پاڪ فوج جي جوانن جي سرپرستيءَ ۾ قومي ڪرڪيٽرن جو فيزيڪل ٽريننگ ڪئمپ آرمي اسڪول آف فيزيڪل ٽريننگ سينٽر ايبٽ آباد ۾ جاري آهي.
ڪئمپ جي ٽئين ڏينهن ٻن مرحلن ۾ رانديگرن جسماني ٽريننگ ڪئي، ريمپ تي فيزيڪل ٽريننگ ۽ رننگ سان گڏوگڏ رانديگرن مختلف راندين ۾ به مشغول رهيا.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ رانديگر خوشگوار موڊ ۾ ٽريننگ ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by The Sixty Four Percent (@tsfp_64)


آل رائوندڙ شاداب خان چيو ته روزي جي حالت ۾ ٽريننگ ٿوري ڏُکي محسوس ٿي رهي آهي.
ان کانسواءِ فاسٽ بالر حارث رئوف جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي خدمت ڪرڻ جو خواب هو، هاڻ پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ ٽريننگ ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.