ويوو جو نئون طاقتور فون پاڪستان ۾ به اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ويوو جو نئون وي 30 پاڪستان ۾ به اچي ويو آهي.

وي سيريز جي نئين اسمارٽ فون کي فوٽوگرافي لاءِ بهتر نموني اپ گريڊ ڪيو ويو آهي.

وي 30 فائيو جي ۾ اورا لائيٽ پوٽريٽ فيچر ڏنو ويو آهي جڏهن ته برائٽنيس ڪنٽرول سميت ٻيا فيچرز تصويرن کي بهتر بڻائين ٿا.

فون ۾ مکيا ڪيمرا پنجاهه ميگا پڪسل جي آهي. جڏهن ته فون 12 جي بي ريم 256 جي بي اسٽوريج سان اچي ٿو.

فون جي بيٽري 5 هزار ايم اي ايڇ جي آهي ۽ 80 واٽ فاسٽ چارجر تي پني ڪلاڪ ۾ فل ٿي وڃي ٿي.

فون جو پاڪستان ۾ اگهه 139999 رپيا رکيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.