چين جو پاڪستان ۾ ٻن وڏن منصوبن تي ڪم روڪڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيني ڪنٽريڪٽرز پاڪستان ۾ ٻن وڏن ڊيم منصوبن تي اڏاوتي ڪم روڪي ڇڏيو آهي.

اهو اعلان هڪ ڊيم جي اڏاوت ۾ شامل ڪارڪنن تي تازي آپگهاتي حملي ۾ پنجن چيني انجنيئرز ۽ هڪ پاڪستاني ڊرائيور جي مارجڻ کانپوءِ ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب پاڪستاني عملدارن به ان حوالي سان تصديق ڪئي آهي.

پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن جي سلامتي ٻنهي ملڪن لاءِ وڏي ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي.

چيني ڪمپنين مطالبو ڪيو آهي ته اڏاوتي سائيٽس ٻيهر کولڻ کان اڳ نئون سيڪيورٽي پلان پيش ڪيو وڃي.

گذريل اڱاري تي آپگهاتي بمبار چيني انجنيئرز کي نشانو بڻائيندي پنهنجي گاڏي چيني انجنيئرز جي گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چائنا گيزوبا گروپ ڪمپني صوبي ۾ داسو ڊيم ۽ پاور چائنا ديامير ڀاشا ڊيم تي ڪم روڪي ڇڏيو آهي.

چيني انجنيئرز چرپر رڳو انهن ڪمپائونڊز تائين محدود ڪري ڇڏي آهي جتي هو رهندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.