شادي جي خبرن بعد تاپسي پنون جي پهرين پوسٽ اچي وئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ انڊسٽري جي مشهور  اداڪارا تاپسي پنو شادي جون خبرون سامهون اچڻ بعد انسٽاگرام تي پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون آهن.

اداڪارا  تاپسي پنو ۽ سندس ڊگهي وقت کان بوائي فرينڊ ۽ بيڊمنٽن رانديگر ميٿياس بو بابت گذريل هفتي(23 مارچ تي) ڀارتي رياست ادي پور ۾ شادي ٿيڻ جون خبرون هلي رهيون آهن.

تاپسي پنو هن وقت تائين انهن خبرن جي ترديد يا تصديق ناهي ڪئي پر سندس شادي جي تقريبن بابت ميڊيا ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، جڏهن ته اداڪارا اڄ ئي ڪاري ڪوٽ ۽ ساڙهي ۾ پنهنجون تصويرون ونڊ ڪيون آهن.

پنهنجي تصوير جي ڪيپشن ۾ هن لکيو آهي ته اميد آهي ته ساڙهي سان سندس رومانس ڪڏهن ختم نه ٿيندو.

سوشل ميڊيا واهپيدار ان پوسٽ تي مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪيترائي مداح کيس شادي جون مبارڪون ڏيندي نظر اچي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.