ڪامران ٽيسوري جي ڪچي جي ڌاڙيلن کي آءِ ٽي پروگرام ۾ شموليت جي آڇ

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪچي جي ڌاڙيلن کي آءِ ٽي ڪورس ۾ شموليت جي آڇ ڪري ڇڏي.
حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته مان ڪچي جي ڌاڙيلن سامهون آءِ ٽي جا ڌاڙيل آڻي رهيو آهيان، آءِ ٽي وارو ڌاڙيل ڪچي جي ڌاڙيل کي کائي ويندو.
هن ڪچي جي ڌاڙيلن کي آڇ ڪئي ته اهي هٿيار ڇڏي گورنر هائوس ۾ اچي آءِ ٽي ڪورس ڪن، اهي پاڻ به اچن ۽ پنهنجي ٻارن کي به آڻين، مستقبل روشن بڻائين.
سندس چوڻ هو ته روشن مستقبل لاءِ ٻارن کي ڪچي جو ماهر نه آءِ ٽي جو ماهر بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.